غلام مصطفيٰ ڀنڀرو

غلام مصطفيٰ ڀنڀرو

غلام مصطفيٰ ڀنڀرو

غلام مصطفيٰ ڀنڀرو: اديب ۽ محقق غلام مصطفيٰ ولد واحد بخش ڀنڀرو 10 آڪٽوبر 1975ع تي ڳوٺ ٽيڀري ڀنڀرا، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ٽيڀري ڀنڀرا، ڇور ۽ عمرڪوٽ مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2002ع ۾ ايم. اي (مسلم هسٽري) ۽ 2004ع ۾ بي. ايڊ ڪئي. 1992ع کان پرائمري استاد آهي. ادب طرف سندس لاڙو شاگردي واري زماني ۾ ٿيو. 1998ع ۾ هن سماجي تنظيم ’مھراڻ ويلفيئر ايسوسيئشن‘ جو بنياد وڌو، جنھن جو پاڻ باني صدر پڻ رهيو. 2000ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ ’شھيد سورهيه بادشاهه ميموريل لائبرري‘ قائم ڪئي. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌي رسالن ’جهونگار‘، ’منصور‘، ’الراشد‘ ۽ ’مھراڻ‘ اخبار ۾ ڇپجندا رهيا آهن. هن تاريخ، سياست، تصوف، پير پاڳاري ۽ حر تحريڪ جي موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’قائد اعظم جي مسلم ليگ، پاڪستان ۽ پير پاڳارو‘ (2018ع)، ’پير صاحب روضي ڌڻي ۽ پير صاحب تجر ڌڻي‘ (2020ع)، ’روهليءَ جو راڻو: ابراهيم فقير مست جيسلميري‘ (2021ع)، ’جواهرات مسڪين‘ (2021ع)، ’گوهر مھراڻ: حالات زندگي پير علي گوهر شاهه ’بنگلي ڌڻي‘، ٻيو پير پاڳارو‘ (2022ع) ۽ ’سيد السادات: حالات زندگي پير حزب الله شاهه، ٽيون پير پاڳارو‘ (2023ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.10.10  عيسوي

اديب ۽ محقق غلام مصطفيٰ ولد واحد بخش ڀنڀرو 10 آڪٽوبر 1975ع تي ڳوٺ ٽيڀري ڀنڀرا، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرداري محمد خان
سليم الله مخدوم پاٽائي
شيرين فيروز نانا
خالد سنڌي
رحمت الله ماڃوٺي
سدورو مل ايم راجپوت
سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر
اسرار شام
علي نواز آريسر
مرتضيٰ سيال
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون